quranm◉

Surah الرحمن transliteration

◉ سورت · ∞

55:1

ٱلرَّحۡمَٰنُ ﴿1﴾

Transliteration: Alrrahmanu

Translation: ٻاجھاري (الله).

55:2

عَلَّمَ ٱلۡقُرۡءَانَ ﴿2﴾

Transliteration: AAallama alqurana

Translation: قرآن سيکاريو.

55:3

خَلَقَ ٱلۡإِنسَٰنَ ﴿3﴾

Transliteration: Khalaqa alinsana

Translation: ماڻھو کي پيدا ڪيائين.

55:4

عَلَّمَهُ ٱلۡبَيَانَ ﴿4﴾

Transliteration: AAallamahu albayana

Translation: ان کي پڌرو ڳالھائڻ سيکاريائين.

55:5

ٱلشَّمۡسُ وَٱلۡقَمَرُ بِحُسۡبَانٖ ﴿5﴾

Transliteration: Alshshamsu waalqamaru bihusbanin

Translation: سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن.

55:6

وَٱلنَّجۡمُ وَٱلشَّجَرُ يَسۡجُدَانِ ﴿6﴾

Transliteration: Waalnnajmu waalshshajaru yasjudani

Translation: ۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن.

55:7

وَٱلسَّمَآءَ رَفَعَهَا وَوَضَعَ ٱلۡمِيزَانَ ﴿7﴾

Transliteration: Waalssamaa rafaAAaha wawadaAAa almeezana

Translation: ۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين.

55:8

أَلَّا تَطۡغَوۡاْ فِي ٱلۡمِيزَانِ ﴿8﴾

Transliteration: Alla tatghaw fee almeezani

Translation: ھن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگھو.

55:9

وَأَقِيمُواْ ٱلۡوَزۡنَ بِٱلۡقِسۡطِ وَلَا تُخۡسِرُواْ ٱلۡمِيزَانَ ﴿9﴾

Transliteration: Waaqeemoo alwazna bialqisti wala tukhsiroo almeezana

Translation: ۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.

55:10

وَٱلۡأَرۡضَ وَضَعَهَا لِلۡأَنَامِ ﴿10﴾

Transliteration: Waalarda wadaAAaha lilanami

Translation: ماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين.

55:11

فِيهَا فَٰكِهَةٞ وَٱلنَّخۡلُ ذَاتُ ٱلۡأَكۡمَامِ ﴿11﴾

Transliteration: Feeha fakihatun waalnnakhlu thatu alakmami

Translation: منجھس (ھر جنس) جو ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آھن.

55:12

وَٱلۡحَبُّ ذُو ٱلۡعَصۡفِ وَٱلرَّيۡحَانُ ﴿12﴾

Transliteration: Waalhabbu thoo alAAasfi waalrrayhani

Translation: ۽ بُھ وارو اَنُّ ۽ سرھاڻيون (به اُن ۾) آھن.

55:13

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿13﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي رب جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:14

خَلَقَ ٱلۡإِنسَٰنَ مِن صَلۡصَٰلٖ كَٱلۡفَخَّارِ ﴿14﴾

Transliteration: Khalaqa alinsana min salsalin kaalfakhkhari

Translation: ماڻھوءَ کي ٽِڪر جھڙي وڄندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيائين.

55:15

وَخَلَقَ ٱلۡجَآنَّ مِن مَّارِجٖ مِّن نَّارٖ ﴿15﴾

Transliteration: Wakhalaqa aljanna min marijin min narin

Translation: ۽ جنّ کي باھ جي الانبي مان بڻايائين.

55:16

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿16﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:17

رَبُّ ٱلۡمَشۡرِقَيۡنِ وَرَبُّ ٱلۡمَغۡرِبَيۡنِ ﴿17﴾

Transliteration: Rabbu almashriqayni warabbu almaghribayni

Translation: جو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار آھي ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي.

55:18

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿18﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:19

مَرَجَ ٱلۡبَحۡرَيۡنِ يَلۡتَقِيَانِ ﴿19﴾

Transliteration: Maraja albahrayni yaltaqiyani

Translation: ٻن دريائن (کاري ۽ مٺيءَ) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن.

55:20

بَيۡنَهُمَا بَرۡزَخٞ لَّا يَبۡغِيَانِ ﴿20﴾

Transliteration: Baynahuma barzakhun la yabghiyani

Translation: انھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نه ڪندا آھن.

55:21

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿21﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:22

يَخۡرُجُ مِنۡهُمَا ٱللُّؤۡلُؤُ وَٱلۡمَرۡجَانُ ﴿22﴾

Transliteration: Yakhruju minhuma alluluo waalmarjanu

Translation: انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن.

55:23

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿23﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:24

وَلَهُ ٱلۡجَوَارِ ٱلۡمُنشَـَٔاتُ فِي ٱلۡبَحۡرِ كَٱلۡأَعۡلَٰمِ ﴿24﴾

Transliteration: Walahu aljawari almunshaatu fee albahri kaalaAAlami

Translation: ۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُچا الله جا آھن.

55:25

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿25﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:26

كُلُّ مَنۡ عَلَيۡهَا فَانٖ ﴿26﴾

Transliteration: Kullu man AAalayha fanin

Translation: جيڪو به زمين تي آھي سو سڀ ناس ٿيندو.

55:27

وَيَبۡقَىٰ وَجۡهُ رَبِّكَ ذُو ٱلۡجَلَٰلِ وَٱلۡإِكۡرَامِ ﴿27﴾

Transliteration: Wayabqa wajhu rabbika thoo aljalali waalikrami

Translation: ۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ذات باقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي.

55:28

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿28﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:29

يَسۡـَٔلُهُۥ مَن فِي ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلۡأَرۡضِۚ كُلَّ يَوۡمٍ هُوَ فِي شَأۡنٖ ﴿29﴾

Transliteration: Yasaluhu man fee alssamawati waalardi kulla yawmin huwa fee shanin

Translation: جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو ڪم ۾ آھي.

55:30

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿30﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:31

سَنَفۡرُغُ لَكُمۡ أَيُّهَ ٱلثَّقَلَانِ ﴿31﴾

Transliteration: Sanafrughu lakum ayyuha alththaqalani

Translation: اي جنّو ۽ ماڻھؤ (اسين واندا ٿي) اوھان ڏانھن جلد متوجه ٿينداسون.

55:32

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿32﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:33

يَٰمَعۡشَرَ ٱلۡجِنِّ وَٱلۡإِنسِ إِنِ ٱسۡتَطَعۡتُمۡ أَن تَنفُذُواْ مِنۡ أَقۡطَارِ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلۡأَرۡضِ فَٱنفُذُواْۚ لَا تَنفُذُونَ إِلَّا بِسُلۡطَٰنٖ ﴿33﴾

Transliteration: Ya maAAshara aljinni waalinsi ini istataAAtum an tanfuthoo min aqtari alssamawati waalardi faonfuthoo la tanfuthoona illa bisultanin

Translation: اي جِنّن ۽ ماڻھن جي ٽولي جيڪڏھن اوھين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاھر نڪري سگھندا آھيو ته نڪرو، وڏي ھمت کانسواءِ ٻي طرح نڪري نه سگھندؤ.

55:34

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿34﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:35

يُرۡسَلُ عَلَيۡكُمَا شُوَاظٞ مِّن نَّارٖ وَنُحَاسٞ فَلَا تَنتَصِرَانِ ﴿35﴾

Transliteration: Yursalu AAalaykuma shuwathun min narin wanuhasun fala tantasirani

Translation: اوھان تي باھ جو اُلنبو ۽ دُونھون موڪلبو جو مقابلو ڪري نه سگھندؤ.

55:36

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿36﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:37

فَإِذَا ٱنشَقَّتِ ٱلسَّمَآءُ فَكَانَتۡ وَرۡدَةٗ كَٱلدِّهَانِ ﴿37﴾

Transliteration: Faitha inshaqqati alssamao fakanat wardatan kaalddihani

Translation: پوءِ جڏھن آسمان ڦاٽندو تڏھن اڌوڙ وانگر گلابي ٿيندو.

55:38

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿38﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:39

فَيَوۡمَئِذٖ لَّا يُسۡـَٔلُ عَن ذَنۢبِهِۦٓ إِنسٞ وَلَا جَآنّٞ ﴿39﴾

Transliteration: Fayawmaithin la yusalu AAan thanbihi insun wala jannun

Translation: پوءِ اُن ڏينھن نڪي ماڻھو ۽ نڪي جن پنھنجي گناھ بابت پُڇبا.

55:40

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿40﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙن نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:41

يُعۡرَفُ ٱلۡمُجۡرِمُونَ بِسِيمَٰهُمۡ فَيُؤۡخَذُ بِٱلنَّوَٰصِي وَٱلۡأَقۡدَامِ ﴿41﴾

Transliteration: YuAArafu almujrimoona biseemahum fayukhathu bialnnawasee waalaqdami

Translation: ڏوھاري پنھنجي شڪلين مان پيا سڃاتا ويندا ۽ پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا.

55:42

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿42﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:43

هَٰذِهِۦ جَهَنَّمُ ٱلَّتِي يُكَذِّبُ بِهَا ٱلۡمُجۡرِمُونَ ﴿43﴾

Transliteration: Hathihi jahannamu allatee yukaththibu biha almujrimoona

Translation: (چئبو ته) ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي گنھگارن ڪوڙ ڀانيو ھو.

55:44

يَطُوفُونَ بَيۡنَهَا وَبَيۡنَ حَمِيمٍ ءَانٖ ﴿44﴾

Transliteration: Yatoofoona baynaha wabayna hameemin anin

Translation: انھيءَ (دوزخ) ۾ ۽ تَتي ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ پيا ايندا ويندا.

55:45

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿45﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:46

وَلِمَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِۦ جَنَّتَانِ ﴿46﴾

Transliteration: Waliman khafa maqama rabbihi jannatani

Translation: ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھڻ کان ڊنو تنھن لاءِ ٻه باغ آھن.

55:47

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿47﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:48

ذَوَاتَآ أَفۡنَانٖ ﴿48﴾

Transliteration: Thawata afnanin

Translation: ٻئي باغ گھاٽا آھن.

55:49

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿49﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:50

فِيهِمَا عَيۡنَانِ تَجۡرِيَانِ ﴿50﴾

Transliteration: Feehima AAaynani tajriyani

Translation: انھن (ٻن باغن) ۾ ٻه چشما وھن ٿا.

55:51

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿51﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:52

فِيهِمَا مِن كُلِّ فَٰكِهَةٖ زَوۡجَانِ ﴿52﴾

Transliteration: Feehima min kulli fakihatin zawjani

Translation: انھن ٻنھي (باغن) ۾ سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه جنسون آھن.

55:53

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿53﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:54

مُتَّكِـِٔينَ عَلَىٰ فُرُشِۭ بَطَآئِنُهَا مِنۡ إِسۡتَبۡرَقٖۚ وَجَنَى ٱلۡجَنَّتَيۡنِ دَانٖ ﴿54﴾

Transliteration: Muttakieena AAala furushin batainuha min istabraqin wajana aljannatayni danin

Translation: اھڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ھوندا جنھن جو استر اِسۡتَبۡرق پٽ مان ھوندو، ۽ انھن ٻنھي باغن جو ميوو ويجھو ھوندو.

55:55

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿55﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:56

فِيهِنَّ قَٰصِرَٰتُ ٱلطَّرۡفِ لَمۡ يَطۡمِثۡهُنَّ إِنسٞ قَبۡلَهُمۡ وَلَا جَآنّٞ ﴿56﴾

Transliteration: Feehinna qasiratu alttarfi lam yatmithhunna insun qablahum wala jannun

Translation: اُنھن (باغن جي ماڙين) ۾ (شرم ڪري) ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون (حُورون) ھونديون جن کي اُنھن کان اڳ نڪي ڪنھن ماڻھو ۽ جنّ ڇھيو آھي.

55:57

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿57﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:58

كَأَنَّهُنَّ ٱلۡيَاقُوتُ وَٱلۡمَرۡجَانُ ﴿58﴾

Transliteration: Kaannahunna alyaqootu waalmarjanu

Translation: اُھي (حُورون) ڄڻڪ ياقُوت ۽ مَرجان آھن.

55:59

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿59﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:60

هَلۡ جَزَآءُ ٱلۡإِحۡسَٰنِ إِلَّا ٱلۡإِحۡسَٰنُ ﴿60﴾

Transliteration: Hal jazao alihsani illa alihsanu

Translation: چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي.

55:61

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿61﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھارجي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:62

وَمِن دُونِهِمَا جَنَّتَانِ ﴿62﴾

Transliteration: Wamin doonihima jannatani

Translation: ۽ اُنھن ٻن (باغن) کانسواءِ ٻيا ٻه باغ به آھن.

55:63

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿63﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:64

مُدۡهَآمَّتَانِ ﴿64﴾

Transliteration: Mudhammatani

Translation: ٻئي ڏاڍا ساوا چھچ آھن.

55:65

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿65﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:66

فِيهِمَا عَيۡنَانِ نَضَّاخَتَانِ ﴿66﴾

Transliteration: Feehima AAaynani naddakhatani

Translation: اُنھن ٻنھي (باغن) ۾ ڦوھاري وانگر جوش سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما ھوندا.

55:67

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿67﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:68

فِيهِمَا فَٰكِهَةٞ وَنَخۡلٞ وَرُمَّانٞ ﴿68﴾

Transliteration: Feehima fakihatun wanakhlun warummanun

Translation: انھن ٻنھي باغن ۾ (ھر جنس جو) ميوو ۽ کجيون ۽ ڏاڙھون ھوندا.

55:69

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿69﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (ي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:70

فِيهِنَّ خَيۡرَٰتٌ حِسَانٞ ﴿70﴾

Transliteration: Feehinna khayratun hisanun

Translation: انھن (باغن) ۾ سڳوريون سھڻيون زالون ھونديون.

55:71

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿71﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:72

حُورٞ مَّقۡصُورَٰتٞ فِي ٱلۡخِيَامِ ﴿72﴾

Transliteration: Hoorun maqsooratun fee alkhiyami

Translation: حُورون تنبن منجھ پردہ نشين ھونديون.

55:73

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿73﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:74

لَمۡ يَطۡمِثۡهُنَّ إِنسٞ قَبۡلَهُمۡ وَلَا جَآنّٞ ﴿74﴾

Transliteration: Lam yatmithhunna insun qablahum wala jannun

Translation: انھن کي انھن (بھشتين) کان اڳ نڪي ماڻھو ۽ نڪي ڪنھن جنّ ڇھيو آھي.

55:75

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿75﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:76

مُتَّكِـِٔينَ عَلَىٰ رَفۡرَفٍ خُضۡرٖ وَعَبۡقَرِيٍّ حِسَانٖ ﴿76﴾

Transliteration: Muttakieena AAala rafrafin khudrin waAAabqariyyin hisanin

Translation: ساون وھاڻن ۽ سھڻن پٿراڻين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا.

55:77

فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ﴿77﴾

Transliteration: Fabiayyi alai rabbikuma tukaththibani

Translation: پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

55:78

تَبَٰرَكَ ٱسۡمُ رَبِّكَ ذِي ٱلۡجَلَٰلِ وَٱلۡإِكۡرَامِ ﴿78﴾

Transliteration: Tabaraka ismu rabbika thee aljalali waalikrami

Translation: تنھنجي پالڻھار عزت واري جو نالو وڏي برڪت وارو آھي.

Transliteration source: English Transliteration by Tanzil. Used under Tanzil's non-commercial terms; see the source and latest updates at Tanzil. Tanzil translation download