quranm◉

Surah الحاقة transliteration

◉ سورت · ∞

69:1

ٱلۡحَآقَّةُ ﴿1﴾

Transliteration: Alhaqqatu

Translation: قيامت.

69:2

مَا ٱلۡحَآقَّةُ ﴿2﴾

Transliteration: Ma alhaqqatu

Translation: ڇا آھي (اھا) قيامت.

69:3

وَمَآ أَدۡرَىٰكَ مَا ٱلۡحَآقَّةُ ﴿3﴾

Transliteration: Wama adraka ma alhaqqatu

Translation: ۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟

69:4

كَذَّبَتۡ ثَمُودُ وَعَادُۢ بِٱلۡقَارِعَةِ ﴿4﴾

Transliteration: Kaththabat thamoodu waAAadun bialqariAAati

Translation: ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو.

69:5

فَأَمَّا ثَمُودُ فَأُهۡلِكُواْ بِٱلطَّاغِيَةِ ﴿5﴾

Transliteration: Faamma thamoodu faohlikoo bialttaghiyati

Translation: پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا.

69:6

وَأَمَّا عَادٞ فَأُهۡلِكُواْ بِرِيحٖ صَرۡصَرٍ عَاتِيَةٖ ﴿6﴾

Transliteration: Waamma AAadun faohlikoo bireehin sarsarin AAatiyatin

Translation: ۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا.

69:7

سَخَّرَهَا عَلَيۡهِمۡ سَبۡعَ لَيَالٖ وَثَمَٰنِيَةَ أَيَّامٍ حُسُومٗاۖ فَتَرَى ٱلۡقَوۡمَ فِيهَا صَرۡعَىٰ كَأَنَّهُمۡ أَعۡجَازُ نَخۡلٍ خَاوِيَةٖ ﴿7﴾

Transliteration: Sakhkharaha AAalayhim sabAAa layalin wathamaniyata ayyamin husooman fatara alqawma feeha sarAAa kaannahum aAAjazu nakhlin khawiyatun

Translation: (الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن.

69:8

فَهَلۡ تَرَىٰ لَهُم مِّنۢ بَاقِيَةٖ ﴿8﴾

Transliteration: Fahal tara lahum min baqiyatin

Translation: پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟

69:9

وَجَآءَ فِرۡعَوۡنُ وَمَن قَبۡلَهُۥ وَٱلۡمُؤۡتَفِكَٰتُ بِٱلۡخَاطِئَةِ ﴿9﴾

Transliteration: Wajaa firAAawnu waman qablahu waalmutafikatu bialkhatiati

Translation: ۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا.

69:10

فَعَصَوۡاْ رَسُولَ رَبِّهِمۡ فَأَخَذَهُمۡ أَخۡذَةٗ رَّابِيَةً ﴿10﴾

Transliteration: FaAAasaw rasoola rabbihim faakhathahum akhthatan rabiyatan

Translation: ۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو.

69:11

إِنَّا لَمَّا طَغَا ٱلۡمَآءُ حَمَلۡنَٰكُمۡ فِي ٱلۡجَارِيَةِ ﴿11﴾

Transliteration: Inna lamma tagha almao hamalnakum fee aljariyati

Translation: بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو.

69:12

لِنَجۡعَلَهَا لَكُمۡ تَذۡكِرَةٗ وَتَعِيَهَآ أُذُنٞ وَٰعِيَةٞ ﴿12﴾

Transliteration: LinajAAalaha lakum tathkiratan wataAAiyaha othunun waAAiyatun

Translation: ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي.

69:13

فَإِذَا نُفِخَ فِي ٱلصُّورِ نَفۡخَةٞ وَٰحِدَةٞ ﴿13﴾

Transliteration: Faitha nufikha fee alssoori nafkhatun wahidatun

Translation: پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي.

69:14

وَحُمِلَتِ ٱلۡأَرۡضُ وَٱلۡجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةٗ وَٰحِدَةٗ ﴿14﴾

Transliteration: Wahumilati alardu waaljibalu fadukkata dakkatan wahidatan

Translation: ۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو.

69:15

فَيَوۡمَئِذٖ وَقَعَتِ ٱلۡوَاقِعَةُ ﴿15﴾

Transliteration: Fayawmaithin waqaAAati alwaqiAAatu

Translation: پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي.

69:16

وَٱنشَقَّتِ ٱلسَّمَآءُ فَهِيَ يَوۡمَئِذٖ وَاهِيَةٞ ﴿16﴾

Transliteration: Wainshaqqati alssamao fahiya yawmaithin wahiyatun

Translation: ۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو.

69:17

وَٱلۡمَلَكُ عَلَىٰٓ أَرۡجَآئِهَاۚ وَيَحۡمِلُ عَرۡشَ رَبِّكَ فَوۡقَهُمۡ يَوۡمَئِذٖ ثَمَٰنِيَةٞ ﴿17﴾

Transliteration: Waalmalaku AAala arjaiha wayahmilu AAarsha rabbika fawqahum yawmaithin thamaniyatun

Translation: ۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا.

69:18

يَوۡمَئِذٖ تُعۡرَضُونَ لَا تَخۡفَىٰ مِنكُمۡ خَافِيَةٞ ﴿18﴾

Transliteration: Yawmaithin tuAAradoona la takhfa minkum khafiyatun

Translation: اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي.

69:19

فَأَمَّا مَنۡ أُوتِيَ كِتَٰبَهُۥ بِيَمِينِهِۦ فَيَقُولُ هَآؤُمُ ٱقۡرَءُواْ كِتَٰبِيَهۡ ﴿19﴾

Transliteration: Faamma man ootiya kitabahu biyameenihi fayaqoolu haomu iqraoo kitabiyah

Translation: پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو.

69:20

إِنِّي ظَنَنتُ أَنِّي مُلَٰقٍ حِسَابِيَهۡ ﴿20﴾

Transliteration: Innee thanantu annee mulaqin hisabiyah

Translation: بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس.

69:21

فَهُوَ فِي عِيشَةٖ رَّاضِيَةٖ ﴿21﴾

Transliteration: Fahuwa fee AAeeshatin radiyatin

Translation: اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو.

69:22

فِي جَنَّةٍ عَالِيَةٖ ﴿22﴾

Transliteration: Fee jannatin AAaliyatin

Translation: مٿاھين بھشت ۾.

69:23

قُطُوفُهَا دَانِيَةٞ ﴿23﴾

Transliteration: Qutoofuha daniyatun

Translation: جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا.

69:24

كُلُواْ وَٱشۡرَبُواْ هَنِيٓـَٔۢا بِمَآ أَسۡلَفۡتُمۡ فِي ٱلۡأَيَّامِ ٱلۡخَالِيَةِ ﴿24﴾

Transliteration: Kuloo waishraboo haneean bima aslaftum fee alayyami alkhaliyati

Translation: (چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ.

69:25

وَأَمَّا مَنۡ أُوتِيَ كِتَٰبَهُۥ بِشِمَالِهِۦ فَيَقُولُ يَٰلَيۡتَنِي لَمۡ أُوتَ كِتَٰبِيَهۡ ﴿25﴾

Transliteration: Waamma man ootiya kitabahu bishimalihi fayaqoolu ya laytanee lam oota kitabiyah

Translation: ۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا.

69:26

وَلَمۡ أَدۡرِ مَا حِسَابِيَهۡ ﴿26﴾

Transliteration: Walam adri ma hisabiyah

Translation: نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟

69:27

يَٰلَيۡتَهَا كَانَتِ ٱلۡقَاضِيَةَ ﴿27﴾

Transliteration: Ya laytaha kanati alqadiyatu

Translation: ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا.

69:28

مَآ أَغۡنَىٰ عَنِّي مَالِيَهۡۜ ﴿28﴾

Transliteration: Ma aghna AAannee maliyah

Translation: منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو.

69:29

هَلَكَ عَنِّي سُلۡطَٰنِيَهۡ ﴿29﴾

Transliteration: Halaka AAannee sultaniyah

Translation: مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي.

69:30

خُذُوهُ فَغُلُّوهُ ﴿30﴾

Transliteration: Khuthoohu faghulloohu

Translation: (ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس.

69:31

ثُمَّ ٱلۡجَحِيمَ صَلُّوهُ ﴿31﴾

Transliteration: Thumma aljaheema salloohu

Translation: وري دوزخ ۾ وجھوس.

69:32

ثُمَّ فِي سِلۡسِلَةٖ ذَرۡعُهَا سَبۡعُونَ ذِرَاعٗا فَٱسۡلُكُوهُ ﴿32﴾

Transliteration: Thumma fee silsilatin tharAAuha sabAAoona thiraAAan faoslukoohu

Translation: وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي.

69:33

إِنَّهُۥ كَانَ لَا يُؤۡمِنُ بِٱللَّهِ ٱلۡعَظِيمِ ﴿33﴾

Transliteration: Innahu kana la yuminu biAllahi alAAatheemi

Translation: ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو.

69:34

وَلَا يَحُضُّ عَلَىٰ طَعَامِ ٱلۡمِسۡكِينِ ﴿34﴾

Transliteration: Wala yahuddu AAala taAAami almiskeeni

Translation: ۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو.

69:35

فَلَيۡسَ لَهُ ٱلۡيَوۡمَ هَٰهُنَا حَمِيمٞ ﴿35﴾

Transliteration: Falaysa lahu alyawma hahuna hameemun

Translation: تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي.

69:36

وَلَا طَعَامٌ إِلَّا مِنۡ غِسۡلِينٖ ﴿36﴾

Transliteration: Wala taAAamun illa min ghisleenin

Translation: ۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي.

69:37

لَّا يَأۡكُلُهُۥٓ إِلَّا ٱلۡخَٰطِـُٔونَ ﴿37﴾

Transliteration: La yakuluhu illa alkhatioona

Translation: (جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو.

69:38

فَلَآ أُقۡسِمُ بِمَا تُبۡصِرُونَ ﴿38﴾

Transliteration: Fala oqsimu bima tubsiroona

Translation: پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو.

69:39

وَمَا لَا تُبۡصِرُونَ ﴿39﴾

Transliteration: Wama la tubsiroona

Translation: ۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به).

69:40

إِنَّهُۥ لَقَوۡلُ رَسُولٖ كَرِيمٖ ﴿40﴾

Transliteration: Innahu laqawlu rasoolin kareemin

Translation: ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي.

69:41

وَمَا هُوَ بِقَوۡلِ شَاعِرٖۚ قَلِيلٗا مَّا تُؤۡمِنُونَ ﴿41﴾

Transliteration: Wama huwa biqawli shaAAirin qaleelan ma tuminoona

Translation: ۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا.

69:42

وَلَا بِقَوۡلِ كَاهِنٖۚ قَلِيلٗا مَّا تَذَكَّرُونَ ﴿42﴾

Transliteration: Wala biqawli kahinin qaleelan ma tathakkaroona

Translation: ۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا.

69:43

تَنزِيلٞ مِّن رَّبِّ ٱلۡعَٰلَمِينَ ﴿43﴾

Transliteration: Tanzeelun min rabbi alAAalameena

Translation: (ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي.

69:44

وَلَوۡ تَقَوَّلَ عَلَيۡنَا بَعۡضَ ٱلۡأَقَاوِيلِ ﴿44﴾

Transliteration: Walaw taqawwala AAalayna baAAda alaqaweeli

Translation: ۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا.

69:45

لَأَخَذۡنَا مِنۡهُ بِٱلۡيَمِينِ ﴿45﴾

Transliteration: Laakhathna minhu bialyameeni

Translation: ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا.

69:46

ثُمَّ لَقَطَعۡنَا مِنۡهُ ٱلۡوَتِينَ ﴿46﴾

Transliteration: Thumma laqataAAna minhu alwateena

Translation: وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا.

69:47

فَمَا مِنكُم مِّنۡ أَحَدٍ عَنۡهُ حَٰجِزِينَ ﴿47﴾

Transliteration: Fama minkum min ahadin AAanhu hajizeena

Translation: پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي.

69:48

وَإِنَّهُۥ لَتَذۡكِرَةٞ لِّلۡمُتَّقِينَ ﴿48﴾

Transliteration: Wainnahu latathkiratun lilmuttaqeena

Translation: ۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي.

69:49

وَإِنَّا لَنَعۡلَمُ أَنَّ مِنكُم مُّكَذِّبِينَ ﴿49﴾

Transliteration: Wainna lanaAAlamu anna minkum mukaththibeena

Translation: ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن.

69:50

وَإِنَّهُۥ لَحَسۡرَةٌ عَلَى ٱلۡكَٰفِرِينَ ﴿50﴾

Transliteration: Wainnahu lahasratun AAala alkafireena

Translation: ۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي.

69:51

وَإِنَّهُۥ لَحَقُّ ٱلۡيَقِينِ ﴿51﴾

Transliteration: Wainnahu lahaqqu alyaqeeni

Translation: ۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي.

69:52

فَسَبِّحۡ بِٱسۡمِ رَبِّكَ ٱلۡعَظِيمِ ﴿52﴾

Transliteration: Fasabbih biismi rabbika alAAatheemi

Translation: تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.

Transliteration source: English Transliteration by Tanzil. Used under Tanzil's non-commercial terms; see the source and latest updates at Tanzil. Tanzil translation download