وَٱلنَّجۡمِ إِذَا هَوَىٰ ﴿1﴾وَٱلنَّجۡمِ إِذَا هَوَىٰ
Transliteration: Waalnnajmi itha hawa
Translation: ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي.
وَٱلنَّجۡمِ إِذَا هَوَىٰ ﴿1﴾وَٱلنَّجۡمِ إِذَا هَوَىٰ
Transliteration: Waalnnajmi itha hawa
Translation: ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي.
مَا ضَلَّ صَاحِبُكُمۡ وَمَا غَوَىٰ ﴿2﴾مَا ضَلَّ صَاحِبُكُمۡ وَمَا غَوَىٰ
Transliteration: Ma dalla sahibukum wama ghawa
Translation: ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو.
وَمَا يَنطِقُ عَنِ ٱلۡهَوَىٰٓ ﴿3﴾وَمَا يَنطِقُ عَنِ ٱلۡهَوَىٰٓ
Transliteration: Wama yantiqu AAani alhawa
Translation: ۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي.
إِنۡ هُوَ إِلَّا وَحۡيٞ يُوحَىٰ ﴿4﴾إِنۡ هُوَ إِلَّا وَحۡيٞ يُوحَىٰ
Transliteration: In huwa illa wahyun yooha
Translation: ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي.
عَلَّمَهُۥ شَدِيدُ ٱلۡقُوَىٰ ﴿5﴾عَلَّمَهُۥ شَدِيدُ ٱلۡقُوَىٰ
Transliteration: AAallamahu shadeedu alquwa
Translation: اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي.
ذُو مِرَّةٖ فَٱسۡتَوَىٰ ﴿6﴾ذُو مِرَّةٖ فَٱسۡتَوَىٰ
Transliteration: Thoo mirratin faistawa
Translation: جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو.
وَهُوَ بِٱلۡأُفُقِ ٱلۡأَعۡلَىٰ ﴿7﴾وَهُوَ بِٱلۡأُفُقِ ٱلۡأَعۡلَىٰ
Transliteration: Wahuwa bialofuqi alaAAla
Translation: ۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو.
ثُمَّ دَنَا فَتَدَلَّىٰ ﴿8﴾ثُمَّ دَنَا فَتَدَلَّىٰ
Transliteration: Thumma dana fatadalla
Translation: وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو.
فَكَانَ قَابَ قَوۡسَيۡنِ أَوۡ أَدۡنَىٰ ﴿9﴾فَكَانَ قَابَ قَوۡسَيۡنِ أَوۡ أَدۡنَىٰ
Transliteration: Fakana qaba qawsayni aw adna
Translation: پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو.
فَأَوۡحَىٰٓ إِلَىٰ عَبۡدِهِۦ مَآ أَوۡحَىٰ ﴿10﴾فَأَوۡحَىٰٓ إِلَىٰ عَبۡدِهِۦ مَآ أَوۡحَىٰ
Transliteration: Faawha ila AAabdihi ma awha
Translation: پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين.
مَا كَذَبَ ٱلۡفُؤَادُ مَا رَأَىٰٓ ﴿11﴾مَا كَذَبَ ٱلۡفُؤَادُ مَا رَأَىٰٓ
Transliteration: Ma kathaba alfuadu ma raa
Translation: جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو.
أَفَتُمَٰرُونَهُۥ عَلَىٰ مَا يَرَىٰ ﴿12﴾أَفَتُمَٰرُونَهُۥ عَلَىٰ مَا يَرَىٰ
Transliteration: Afatumaroonahu AAala ma yara
Translation: جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟
وَلَقَدۡ رَءَاهُ نَزۡلَةً أُخۡرَىٰ ﴿13﴾وَلَقَدۡ رَءَاهُ نَزۡلَةً أُخۡرَىٰ
Transliteration: Walaqad raahu nazlatan okhra
Translation: ۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين.
عِندَ سِدۡرَةِ ٱلۡمُنتَهَىٰ ﴿14﴾عِندَ سِدۡرَةِ ٱلۡمُنتَهَىٰ
Transliteration: AAinda sidrati almuntaha
Translation: سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ.
عِندَهَا جَنَّةُ ٱلۡمَأۡوَىٰٓ ﴿15﴾عِندَهَا جَنَّةُ ٱلۡمَأۡوَىٰٓ
Transliteration: AAindaha jannatu almawa
Translation: اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي.
إِذۡ يَغۡشَى ٱلسِّدۡرَةَ مَا يَغۡشَىٰ ﴿16﴾إِذۡ يَغۡشَى ٱلسِّدۡرَةَ مَا يَغۡشَىٰ
Transliteration: Ith yaghsha alssidrata ma yaghsha
Translation: جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي.
مَا زَاغَ ٱلۡبَصَرُ وَمَا طَغَىٰ ﴿17﴾مَا زَاغَ ٱلۡبَصَرُ وَمَا طَغَىٰ
Transliteration: Ma zagha albasaru wama tagha
Translation: (پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي.
لَقَدۡ رَأَىٰ مِنۡ ءَايَٰتِ رَبِّهِ ٱلۡكُبۡرَىٰٓ ﴿18﴾لَقَدۡ رَأَىٰ مِنۡ ءَايَٰتِ رَبِّهِ ٱلۡكُبۡرَىٰٓ
Transliteration: Laqad raa min ayati rabbihi alkubra
Translation: بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين.
أَفَرَءَيۡتُمُ ٱللَّـٰتَ وَٱلۡعُزَّىٰ ﴿19﴾أَفَرَءَيۡتُمُ ٱللَّـٰتَ وَٱلۡعُزَّىٰ
Transliteration: Afaraaytumu allata waalAAuzza
Translation: لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟
وَمَنَوٰةَ ٱلثَّالِثَةَ ٱلۡأُخۡرَىٰٓ ﴿20﴾وَمَنَوٰةَ ٱلثَّالِثَةَ ٱلۡأُخۡرَىٰٓ
Transliteration: Wamanata alththalithata alokhra
Translation: ۽ پوئين ٽين منات کي به؟
أَلَكُمُ ٱلذَّكَرُ وَلَهُ ٱلۡأُنثَىٰ ﴿21﴾أَلَكُمُ ٱلذَّكَرُ وَلَهُ ٱلۡأُنثَىٰ
Transliteration: Alakumu alththakaru walahu alontha
Translation: ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون.
تِلۡكَ إِذٗا قِسۡمَةٞ ضِيزَىٰٓ ﴿22﴾تِلۡكَ إِذٗا قِسۡمَةٞ ضِيزَىٰٓ
Transliteration: Tilka ithan qismatun deeza
Translation: اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي.
إِنۡ هِيَ إِلَّآ أَسۡمَآءٞ سَمَّيۡتُمُوهَآ أَنتُمۡ وَءَابَآؤُكُم مَّآ أَنزَلَ ٱللَّهُ بِهَا مِن سُلۡطَٰنٍۚ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّ وَمَا تَهۡوَى ٱلۡأَنفُسُۖ وَلَقَدۡ جَآءَهُم مِّن رَّبِّهِمُ ٱلۡهُدَىٰٓ ﴿23﴾إِنۡ هِيَ إِلَّآ أَسۡمَآءٞ سَمَّيۡتُمُوهَآ أَنتُمۡ وَءَابَآؤُكُم مَّآ أَنزَلَ ٱللَّهُ بِهَا مِن سُلۡطَٰنٍۚ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّ وَمَا تَهۡوَى ٱلۡأَنفُسُۖ وَلَقَدۡ جَآءَهُم مِّن رَّبِّهِمُ ٱلۡهُدَىٰٓ
Transliteration: In hiya illa asmaon sammaytumooha antum waabaokum ma anzala Allahu biha min sultanin in yattabiAAoona illa alththanna wama tahwa alanfusu walaqad jaahum min rabbihimu alhuda
Translation: اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي.
أَمۡ لِلۡإِنسَٰنِ مَا تَمَنَّىٰ ﴿24﴾أَمۡ لِلۡإِنسَٰنِ مَا تَمَنَّىٰ
Transliteration: Am lilinsani ma tamanna
Translation: ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟
فَلِلَّهِ ٱلۡأٓخِرَةُ وَٱلۡأُولَىٰ ﴿25﴾فَلِلَّهِ ٱلۡأٓخِرَةُ وَٱلۡأُولَىٰ
Transliteration: Falillahi alakhiratu waaloola
Translation: پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي.
وَكَم مِّن مَّلَكٖ فِي ٱلسَّمَٰوَٰتِ لَا تُغۡنِي شَفَٰعَتُهُمۡ شَيۡـًٔا إِلَّا مِنۢ بَعۡدِ أَن يَأۡذَنَ ٱللَّهُ لِمَن يَشَآءُ وَيَرۡضَىٰٓ ﴿26﴾۞وَكَم مِّن مَّلَكٖ فِي ٱلسَّمَٰوَٰتِ لَا تُغۡنِي شَفَٰعَتُهُمۡ شَيۡـًٔا إِلَّا مِنۢ بَعۡدِ أَن يَأۡذَنَ ٱللَّهُ لِمَن يَشَآءُ وَيَرۡضَىٰٓ
Transliteration: Wakam min malakin fee alssamawati la tughnee shafaAAatuhum shayan illa min baAAdi an yathana Allahu liman yashao wayarda
Translation: ۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ لَا يُؤۡمِنُونَ بِٱلۡأٓخِرَةِ لَيُسَمُّونَ ٱلۡمَلَـٰٓئِكَةَ تَسۡمِيَةَ ٱلۡأُنثَىٰ ﴿27﴾إِنَّ ٱلَّذِينَ لَا يُؤۡمِنُونَ بِٱلۡأٓخِرَةِ لَيُسَمُّونَ ٱلۡمَلَـٰٓئِكَةَ تَسۡمِيَةَ ٱلۡأُنثَىٰ
Transliteration: Inna allatheena la yuminoona bialakhirati layusammoona almalaikata tasmiyata alontha
Translation: بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن.
وَمَا لَهُم بِهِۦ مِنۡ عِلۡمٍۖ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّۖ وَإِنَّ ٱلظَّنَّ لَا يُغۡنِي مِنَ ٱلۡحَقِّ شَيۡـٔٗا ﴿28﴾وَمَا لَهُم بِهِۦ مِنۡ عِلۡمٍۖ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّۖ وَإِنَّ ٱلظَّنَّ لَا يُغۡنِي مِنَ ٱلۡحَقِّ شَيۡـٔٗا
Transliteration: Wama lahum bihi min AAilmin in yattabiAAoona illa alththanna wainna alththanna la yughnee mina alhaqqi shayan
Translation: ۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي.
فَأَعۡرِضۡ عَن مَّن تَوَلَّىٰ عَن ذِكۡرِنَا وَلَمۡ يُرِدۡ إِلَّا ٱلۡحَيَوٰةَ ٱلدُّنۡيَا ﴿29﴾فَأَعۡرِضۡ عَن مَّن تَوَلَّىٰ عَن ذِكۡرِنَا وَلَمۡ يُرِدۡ إِلَّا ٱلۡحَيَوٰةَ ٱلدُّنۡيَا
Transliteration: FaaAArid AAan man tawalla AAan thikrina walam yurid illa alhayata alddunya
Translation: پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين.
ذَٰلِكَ مَبۡلَغُهُم مِّنَ ٱلۡعِلۡمِۚ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعۡلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِۦ وَهُوَ أَعۡلَمُ بِمَنِ ٱهۡتَدَىٰ ﴿30﴾ذَٰلِكَ مَبۡلَغُهُم مِّنَ ٱلۡعِلۡمِۚ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعۡلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِۦ وَهُوَ أَعۡلَمُ بِمَنِ ٱهۡتَدَىٰ
Transliteration: Thalika mablaghuhum mina alAAilmi inna rabbaka huwa aAAlamu biman dalla AAan sabeelihi wahuwa aAAlamu bimani ihtada
Translation: اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
وَلِلَّهِ مَا فِي ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِي ٱلۡأَرۡضِ لِيَجۡزِيَ ٱلَّذِينَ أَسَـٰٓـُٔواْ بِمَا عَمِلُواْ وَيَجۡزِيَ ٱلَّذِينَ أَحۡسَنُواْ بِٱلۡحُسۡنَى ﴿31﴾وَلِلَّهِ مَا فِي ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِي ٱلۡأَرۡضِ لِيَجۡزِيَ ٱلَّذِينَ أَسَـٰٓـُٔواْ بِمَا عَمِلُواْ وَيَجۡزِيَ ٱلَّذِينَ أَحۡسَنُواْ بِٱلۡحُسۡنَى
Transliteration: Walillahi ma fee alssamawati wama fee alardi liyajziya allatheena asaoo bima AAamiloo wayajziya allatheena ahsanoo bialhusna
Translation: ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي.
ٱلَّذِينَ يَجۡتَنِبُونَ كَبَـٰٓئِرَ ٱلۡإِثۡمِ وَٱلۡفَوَٰحِشَ إِلَّا ٱللَّمَمَۚ إِنَّ رَبَّكَ وَٰسِعُ ٱلۡمَغۡفِرَةِۚ هُوَ أَعۡلَمُ بِكُمۡ إِذۡ أَنشَأَكُم مِّنَ ٱلۡأَرۡضِ وَإِذۡ أَنتُمۡ أَجِنَّةٞ فِي بُطُونِ أُمَّهَٰتِكُمۡۖ فَلَا تُزَكُّوٓاْ أَنفُسَكُمۡۖ هُوَ أَعۡلَمُ بِمَنِ ٱتَّقَىٰٓ ﴿32﴾ٱلَّذِينَ يَجۡتَنِبُونَ كَبَـٰٓئِرَ ٱلۡإِثۡمِ وَٱلۡفَوَٰحِشَ إِلَّا ٱللَّمَمَۚ إِنَّ رَبَّكَ وَٰسِعُ ٱلۡمَغۡفِرَةِۚ هُوَ أَعۡلَمُ بِكُمۡ إِذۡ أَنشَأَكُم مِّنَ ٱلۡأَرۡضِ وَإِذۡ أَنتُمۡ أَجِنَّةٞ فِي بُطُونِ أُمَّهَٰتِكُمۡۖ فَلَا تُزَكُّوٓاْ أَنفُسَكُمۡۖ هُوَ أَعۡلَمُ بِمَنِ ٱتَّقَىٰٓ
Transliteration: Allatheena yajtaniboona kabaira alithmi waalfawahisha illa allamama inna rabbaka wasiAAu almaghfirati huwa aAAlamu bikum ith anshaakum mina alardi waith antum ajinnatun fee butooni ommahatikum fala tuzakkoo anfusakum huwa aAAlamu bimani ittaqa
Translation: جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو.
أَفَرَءَيۡتَ ٱلَّذِي تَوَلَّىٰ ﴿33﴾أَفَرَءَيۡتَ ٱلَّذِي تَوَلَّىٰ
Transliteration: Afaraayta allathee tawalla
Translation: (اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو.
وَأَعۡطَىٰ قَلِيلٗا وَأَكۡدَىٰٓ ﴿34﴾وَأَعۡطَىٰ قَلِيلٗا وَأَكۡدَىٰٓ
Transliteration: WaaAAta qaleelan waakda
Translation: ۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو.
أَعِندَهُۥ عِلۡمُ ٱلۡغَيۡبِ فَهُوَ يَرَىٰٓ ﴿35﴾أَعِندَهُۥ عِلۡمُ ٱلۡغَيۡبِ فَهُوَ يَرَىٰٓ
Transliteration: aAAindahu AAilmu alghaybi fahuwa yara
Translation: وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي.
أَمۡ لَمۡ يُنَبَّأۡ بِمَا فِي صُحُفِ مُوسَىٰ ﴿36﴾أَمۡ لَمۡ يُنَبَّأۡ بِمَا فِي صُحُفِ مُوسَىٰ
Transliteration: Am lam yunabba bima fee suhufi moosa
Translation: اُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي.
وَإِبۡرَٰهِيمَ ٱلَّذِي وَفَّىٰٓ ﴿37﴾وَإِبۡرَٰهِيمَ ٱلَّذِي وَفَّىٰٓ
Transliteration: Waibraheema allathee waffa
Translation: ۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو.
أَلَّا تَزِرُ وَازِرَةٞ وِزۡرَ أُخۡرَىٰ ﴿38﴾أَلَّا تَزِرُ وَازِرَةٞ وِزۡرَ أُخۡرَىٰ
Transliteration: Alla taziru waziratun wizra okhra
Translation: (ھيُ حُڪم) ته ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو.
وَأَن لَّيۡسَ لِلۡإِنسَٰنِ إِلَّا مَا سَعَىٰ ﴿39﴾وَأَن لَّيۡسَ لِلۡإِنسَٰنِ إِلَّا مَا سَعَىٰ
Transliteration: Waan laysa lilinsani illa ma saAAa
Translation: ۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين.
وَأَنَّ سَعۡيَهُۥ سَوۡفَ يُرَىٰ ﴿40﴾وَأَنَّ سَعۡيَهُۥ سَوۡفَ يُرَىٰ
Transliteration: Waanna saAAyahu sawfa yura
Translation: ۽ ته سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي.
ثُمَّ يُجۡزَىٰهُ ٱلۡجَزَآءَ ٱلۡأَوۡفَىٰ ﴿41﴾ثُمَّ يُجۡزَىٰهُ ٱلۡجَزَآءَ ٱلۡأَوۡفَىٰ
Transliteration: Thumma yujzahu aljazaa alawfa
Translation: وري کيس تمام پورو بدلو (انھي ڪمائي موجب) ڏنو ويندو.
وَأَنَّ إِلَىٰ رَبِّكَ ٱلۡمُنتَهَىٰ ﴿42﴾وَأَنَّ إِلَىٰ رَبِّكَ ٱلۡمُنتَهَىٰ
Transliteration: Waanna ila rabbika almuntaha
Translation: ۽ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي.
وَأَنَّهُۥ هُوَ أَضۡحَكَ وَأَبۡكَىٰ ﴿43﴾وَأَنَّهُۥ هُوَ أَضۡحَكَ وَأَبۡكَىٰ
Transliteration: Waannahu huwa adhaka waabka
Translation: ۽ ته اُن کلايو ۽ رئاريو.
وَأَنَّهُۥ هُوَ أَمَاتَ وَأَحۡيَا ﴿44﴾وَأَنَّهُۥ هُوَ أَمَاتَ وَأَحۡيَا
Transliteration: Waannahu huwa amata waahya
Translation: ۽ ته اُن ماريو ۽ جياريو.
وَأَنَّهُۥ خَلَقَ ٱلزَّوۡجَيۡنِ ٱلذَّكَرَ وَٱلۡأُنثَىٰ ﴿45﴾وَأَنَّهُۥ خَلَقَ ٱلزَّوۡجَيۡنِ ٱلذَّكَرَ وَٱلۡأُنثَىٰ
Transliteration: Waannahu khalaqa alzzawjayni alththakara waalontha
Translation: ۽ ته اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو.
مِن نُّطۡفَةٍ إِذَا تُمۡنَىٰ ﴿46﴾مِن نُّطۡفَةٍ إِذَا تُمۡنَىٰ
Transliteration: Min nutfatin itha tumna
Translation: منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان جڏھن (ڳڀيرڻ ۾) ھاريو وڃي.
وَأَنَّ عَلَيۡهِ ٱلنَّشۡأَةَ ٱلۡأُخۡرَىٰ ﴿47﴾وَأَنَّ عَلَيۡهِ ٱلنَّشۡأَةَ ٱلۡأُخۡرَىٰ
Transliteration: Waanna AAalayhi alnnashata alokhra
Translation: ۽ ته اُن تي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ لازم آھي.
وَأَنَّهُۥ هُوَ أَغۡنَىٰ وَأَقۡنَىٰ ﴿48﴾وَأَنَّهُۥ هُوَ أَغۡنَىٰ وَأَقۡنَىٰ
Transliteration: Waannahu huwa aghna waaqna
Translation: ۽ ته اُن آسودو ڪيو ۽ موڙي ڏنائين.
وَأَنَّهُۥ هُوَ رَبُّ ٱلشِّعۡرَىٰ ﴿49﴾وَأَنَّهُۥ هُوَ رَبُّ ٱلشِّعۡرَىٰ
Transliteration: Waannahu huwa rabbu alshshiAAra
Translation: ۽ ته اُھو ئي شِعۡرىٰ تاري جو پالڻھار آھي.
وَأَنَّهُۥٓ أَهۡلَكَ عَادًا ٱلۡأُولَىٰ ﴿50﴾وَأَنَّهُۥٓ أَهۡلَكَ عَادًا ٱلۡأُولَىٰ
Transliteration: Waannahu ahlaka AAadan aloola
Translation: ۽ ته اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو.
وَثَمُودَاْ فَمَآ أَبۡقَىٰ ﴿51﴾وَثَمُودَاْ فَمَآ أَبۡقَىٰ
Transliteration: Wathamooda fama abqa
Translation: ۽ ثمود کي (به) پوءِ انھن مان (ڪنھين کي) باقي نه ڇڏيائين.
وَقَوۡمَ نُوحٖ مِّن قَبۡلُۖ إِنَّهُمۡ كَانُواْ هُمۡ أَظۡلَمَ وَأَطۡغَىٰ ﴿52﴾وَقَوۡمَ نُوحٖ مِّن قَبۡلُۖ إِنَّهُمۡ كَانُواْ هُمۡ أَظۡلَمَ وَأَطۡغَىٰ
Transliteration: Waqawma noohin min qablu innahum kanoo hum athlama waatgha
Translation: ۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي به ھلاڪ ڪيائين، ڇوته اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھوا.
وَٱلۡمُؤۡتَفِكَةَ أَهۡوَىٰ ﴿53﴾وَٱلۡمُؤۡتَفِكَةَ أَهۡوَىٰ
Transliteration: Waalmutafikata ahwa
Translation: ۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين.
فَغَشَّىٰهَا مَا غَشَّىٰ ﴿54﴾فَغَشَّىٰهَا مَا غَشَّىٰ
Transliteration: Faghashshaha ma ghashsha
Translation: پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو.
فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكَ تَتَمَارَىٰ ﴿55﴾فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكَ تَتَمَارَىٰ
Transliteration: Fabiayyi alai rabbika tatamara
Translation: پوءِ اي ماڻھو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ شڪ ٿو ڪرين.
هَٰذَا نَذِيرٞ مِّنَ ٱلنُّذُرِ ٱلۡأُولَىٰٓ ﴿56﴾هَٰذَا نَذِيرٞ مِّنَ ٱلنُّذُرِ ٱلۡأُولَىٰٓ
Transliteration: Hatha natheerun mina alnnuthuri aloola
Translation: ھي (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي.
أَزِفَتِ ٱلۡأٓزِفَةُ ﴿57﴾أَزِفَتِ ٱلۡأٓزِفَةُ
Transliteration: Azifati alazifatu
Translation: ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آھي.
لَيۡسَ لَهَا مِن دُونِ ٱللَّهِ كَاشِفَةٌ ﴿58﴾لَيۡسَ لَهَا مِن دُونِ ٱللَّهِ كَاشِفَةٌ
Transliteration: Laysa laha min dooni Allahi kashifatun
Translation: اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي.
أَفَمِنۡ هَٰذَا ٱلۡحَدِيثِ تَعۡجَبُونَ ﴿59﴾أَفَمِنۡ هَٰذَا ٱلۡحَدِيثِ تَعۡجَبُونَ
Transliteration: Afamin hatha alhadeethi taAAjaboona
Translation: ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟
وَتَضۡحَكُونَ وَلَا تَبۡكُونَ ﴿60﴾وَتَضۡحَكُونَ وَلَا تَبۡكُونَ
Transliteration: Watadhakoona wala tabkoona
Translation: ۽ کلندا آھيو ۽ نه رئندا آھيو.
وَأَنتُمۡ سَٰمِدُونَ ﴿61﴾وَأَنتُمۡ سَٰمِدُونَ
Transliteration: Waantum samidoona
Translation: ۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو.
فَٱسۡجُدُواْۤ لِلَّهِۤ وَٱعۡبُدُواْ۩ ﴿62﴾فَٱسۡجُدُواْۤ لِلَّهِۤ وَٱعۡبُدُواْ۩
Transliteration: Faosjudoo lillahi waoAAbudoo
Translation: پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو.
Transliteration source: English Transliteration by Tanzil. Used under Tanzil's non-commercial terms; see the source and latest updates at Tanzil. Tanzil translation download